ملت ايڪسپريس ۾ تشدد جو شڪار عورت پراسرار نموني فوت، ريلوي اهلڪار گرفتار

0
27
ملت ايڪسپريس ۾ تشدد جو شڪار عورت پراسرار نموني فوت، ريلوي اهلڪار گرفتار
ملت ايڪسپريس ۾ تشدد جو شڪار عورت پراسرار نموني فوت، ريلوي اهلڪار گرفتار

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ ملت ايڪسپريس ۾ اهلڪار هٿان تشدد جو شڪار عورت پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي. فوتي عورت مريم جي ڀيڻ شازيه پاران تصديق کانپوءِ ريلوي پوليس واقعي جي جاچ پڻ تيز ڪري ڇڏي آهي. 7 اپريل 2024ع تي ڪراچي کان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تائين ريل گاڏي ۾ مقرر اهلڪار مير حسن بچو ٻارن سان گڏ فيصل آباد ويندڙ مريم بي بي نالي مسافر عورت وٽ ٽڪيٽ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو هو. اهلڪار جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي ريلوي جي نوٽيس وٺڻ بعد 12 اپريل تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار ميرحسن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد ۾ پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي

اردو ميڊيا موجب ته ڄاڻايل عورت سفر دوران پنجاب جي حد ۾ ريل گاڏي تان پراسرار نموني ڪري فوت ٿي جنهن جي سڃاڻپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. سندس وڏي ڀيڻ شازيه پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ريل گاڏي ۾ رش هئي جنهن دوران سندس ڀيڻ مريم جو پرس گم ٿي ويو، اها ڳالهه سندس ڀيڻ فون ڪري ٻڌائي ته ريل گاڏي ۾ هڪ اهلڪار کيس تنگ ڪري رهيو آهي جنهن تي هن کانئس ٽڪيٽ جا پئسا آن لائين موڪلڻ جو چيو هو. شازيه پاران اهو به چيو پيو وڃي ته هن سندس ڀيڻ سان ٽڪيٽ واري معاملي تي جهيڙو ڪندڙ اهلڪار سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر انهن فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان دوران ئي هو ڀيڻ تي تشدد ڪري رهيا هئا ۽ کيس ٻي بوگي ۾ هلڻ جو به چيو. مسمات شازيه موجب ته سندس ڀيڻ تي ٽن اهلڪارن تشدد ڪيو جنهن بعد هڪ اهلڪار کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو جنهن کانپوءِ کين ڀيڻ جو لاش مليو آهي ان ڪري معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي وڃي.

بوگي ۾ عورت سان گڏ سفر ڪندڙ ٻين مسافرن جا بيان وٺڻ جو فيصلو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ريلوي اهلڪار پاران عورت تي تشدد واري معاملي جي جاچ دوران ريلوي پوليس پاران مسافر عورت سان بوگي ۾ سفر ڪندڙ ٻين مسافرن جا بيان وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ايس ايچ او ريلوي غلام حسين بروهي جو چوڻ آهي ته واقعو ملت ايڪسپريس جي بوگي نمبر 8 ۾ پيش آيو هو ان لاءِ انهن ڄاڻايل بوگي ۾ سوار ٻين مسافرن جي ڊيٽا لاءِ اسٽيشن جي انتظاميا کي ليٽر لکي ڇڏيو آهي ۽ جيئن ئي کين مسافرن جي ڊيٽا ملندي ان دوران هو ساڻن رابطو ڪري بيان قلمبند ڪندا. ايس ايچ او دعويٰ ڪئي ته عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار مير حسن بچو کي معطل ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي ريلوي پوليس لائين ڪراچي ۾ موجود آهي. ايس ايچ او اها به دعويٰ ڪئي ته هو معاملي جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن. واضح رهي ته ڄاڻايل واقعو 7 اپريل تي ڪراچي کان حيدرآباد اسٽيشن ڏانهن ايندي پيش آيو هو

اهلڪار مير حسن بچو ملت ايڪسپريس ۾ ان ڏينهن صبح جو ڪراچي کان حيدرآباد آيو ۽ ٻئي ڏينهن وري معمول موجب ڪراچي روانو ٿي ويو هو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر مسافر عورت به واقعي بابت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي نه پهتي هئي جڏهن ته اهلڪار به مسافر عورت تي تشدد بابت ڪنهن به عملدار سان ڳالهه نه ڪئي هئي پر وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد آءِ جي ريلوي جي حڪم تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو هو. 12 اپريل تي سب انسپيڪٽر ريلوي محمد حسين جي فرياد تي اهلڪار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس 13 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتان هن ضمانت ڪرائي هئي. پوليس اهلڪار مير حسن بچو بابت معلوم ٿيو آهي ته هو ريلوي اسٽيشن وٽ قائم سرڪاري ڪوارٽرز ۾ رهائش پذير آهي

پوليس ذريعن پاران اهو به ڄاڻايو پيو وڃي ته اهلڪار پاران مريم بي بي نالي عورت کي ذهني مفلوج قرار ڏنو ويو آهي ۽ هن شروعاتي بيان ۾ اها ڳالهه به وائکو ڪئي آهي ته کيس بوگي ۾ سوار ٻين مسافرن شڪايت ڪئي ته ڄاڻايل عورت کين تنگ پئي ڪري جنهن تي هن وڃي عورت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران تيش ۾ اچي مٿس تشدد به ڪيو.

 

حيدرآباد ريلوي پوليس ٿاڻي تي اهلڪار مٿان تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ قائم ريلوي پوليس ٿاڻي تي فوتي عورت مريم بي بي تي تشدد ڪندڙ اهلڪار خلاف سب انسپيڪٽر محمد حسن جي فرياد تي ڪرائيم نمبر 15/2024ع تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سب انسپيڪٽر جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ پوليس قلم 354، 337 اي ون ۽ 120 ريلوي ايڪٽ به لاڳو ڪيو هو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلوي پوليس پٽي ڀائي کي بچائڻ لاءِ ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ جوڳا قلم لاڳو ڪيا هئا جنهن ڪري اهلڪار مير حسن جي آساني سان ضمانت ٿي وئي آهي.

“تشدد ڇو ٿا ڪريو، ماريو ڇو ٿا؟”: وائرل وڊيو ۾ فوتڻ جا جملا

حيدرآباد: ملت ايڪسپريس ۾ سفر دوران مريم نالي عورت تي اهلڪار مير حسن پاران تشدد واري وائرل ٿيل وڊيو ۾ متاثر عورت جا اهي جملا به واضح نموني ٻڌي سگهجن ٿا ته هو اهلڪار کي مخاطب ٿيندي اهو به چئي رهي آهي ته مٿس ڇو تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ کيس ماريو نه وڃي. ريلوي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت جي پراسرار فوت ٿيڻ بعد انهن جاچ جو دائرو وسيع ڪندي شڪ جي آڌار تي ٻين پوليس اهلڪارن کان به پڇا ڳاڇا وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.