ڪنڌڪوٽ/ شڪارپور (رپورٽ: عمران کوسو/ وحيد بروهي) صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ڏوھارين خلاف ڪارروائي جي حڪمت عملي جوڙي آھي، ڏوهارين وٽ جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ جديد ھٿيار آهن، جيڪي پوليس ۽ عام ماڻهن مٿان استعمال ٿي رهيا آهن، حڪومت به جديد ھٿيار خريد ڪيون پيا، ڏوهاري سرينڊر ڪن ٻي صورت ۾ بچي نه سگھندا، ڪجهه وقت لڳندو پر ڏوھارين جو خاتمو ٿيڻو آھي. هن چيو ته ڪراچي ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ بگاڙ آيو، ايم ڪيو ايم سياست بند ڪري، قبائلي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن سان ڳالھايو آھي،  جلد ميٽنگ به گھرائي صلح ڪرائبو. ڪچي ۾ ڏوهارين جا ھڪ يا ٻه نه پر ڪيترائي گينگ آھن، انهن کي ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هنن چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان جا بارڊر کليل آھن، بلوچستان حڪومت سان ان مسئلي تي به ڳالھائبو. صوبائي گھرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته علائقي جي سردارن مثبت موٽ ڏني آھي،  عزت وارا ماڻھو موٽ ڏين ٿا، سهڪار نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪبي، هن چيو ته پرياڪماري بابت ڪميٽي جاچ ڪري پئي، صحافي جان محمد مھر جا جوابدار ڪچي ۾ آھن، اھي به گرفت ۾ ايندا، ڪچي ۾ غير قانوني آبادي ۽ فصل ڪرڻ ڪنھن کي به نه ڏبو انھن خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي، هوڏانهن صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسين لنجار ۽ آءِ جي سنڌ شڪارپور پهچي ايس ايس ايس  پي آفيس ۾امن امان بابت آگاهي ورتي، ان موقعي تي گھرو وزير صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ضلعن کي اسپيشل ضلعا قرار ڏيڻ وڃي رھيا آھيون، نوشهروفيروز، مٽياري خيرپور سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ڏوھاري راڄ ھو، جن جو صفايو ڪيو ويو، صوبائي گهرو وزير چيو ته خدا نه ڪري جيڪڏھن پريا ڪماري فوت ٿي وئي آھي ته ان جو جوابدار ڪٿي آھي پوليس کان پڇاڻو ڪندس.