اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ  ۾ سنڌ پوليس ۾ آءِ ٽي پوليس اهلڪارن جي ڪيڊر ۾ تبديلي متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو ڪيڊر تبديل ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس حسن اظهر جي سربراهي ۾ قائم بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ملازمن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ۾ سمورا ملازم بطور اي ايس آءِ ڪمپيوٽر ڀرتي ٿيل آهن، 20 سال ٿاڻن تي نوڪري ڪرڻ کانپوءِ انهن کي نان يونيفارم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ پوليس ۾ آءِ ٽي ڪيڊر کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ٻڌڻي هيٺ آيل ڪيس کان علاوه ٻيا ملازم به متاثر ٿيا آهن، جسٽس حسن اظهر مخاطب ٿيندي چيو ته انهن ملازمن گهڻو عرصو نوڪري ٿاڻن تي ڪئي آهي، ملازمن کي هاڻي عام آفيسرن جي طرز موجب ملازمت ڪرڻ جو تجربو حاصل آهي، 20 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڪيڊر تبديل ڪرڻ ۽ نان يونيفارم ڪرڻ سان نقصان ٿيندو، 11 ملازمن کي 2004 ۾ اي ايس آءِ ڪمپيوٽر ڀرتي ڪيو ويو، 20 سالن کانپوءِ ڀرتي ڪيل ملازمن کي نان يونيفارم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نان يونيفارم ڪرڻ جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي سنڌ پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ملازمن کي ٽي اينڊ ٽي ۾ ٽرانسفر ڪيو پيو وڃي، ملازمن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٿاڻن تي نوڪري ڪرڻ دوران ملازمن جانيون قربان ڪيون آهن، 20 سال اڳ اي ايس آءِ ڀرتي ٿيل هاڻ انسپيڪٽر بڻجي ويا آهن، ڊي آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته پوليس کاتي ۾ ايگزيڪيٽو، ٽي اينڊ ٽي ۽ ليگل ٽي ڪيڊر آهن.