ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل هندو ڊائريڪٽر پرميش اڊيوال اسلام قبولي ورتو. ڊائريڪٽر پرميش اڊيوال جو واسطو هندو مذهب سان هو پر هاڻي هن اسلام قبوليندي عمرو ڪيو آهي. پرميش پنهنجي انسٽاگرام تي مسجد نبوي صه تان پنهنجي عبادت ڪندي وڊيو جاري ڪئي ۽ اسلام جي دائري ۾ اچڻ بابت آگاهه ڪيو. پرميش پاران انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو تي عاطف اسلم جي قوالي تاجدار حرم لڳائي وئي آهي جڏهن ته وڊيو ۾ پرميش کي عقيدت ۽ احترام سان هٿ ٻڌندي به ڏسي سگھجي ٿو. پرميش انسٽا اسٽوري تي مديني ۾ ڪڍيل تصويرون به شيئر ڪيون. ڊائريڪٽر پاران وڊيو شيئر ڪندي ئي وائرل ٿي وئي جنهن شوبز ستارن پاران کيس واڌايون ڏيڻ جو سلسلو به جاري آهي.