“اينيمل” جهڙين فلمن جي ڪاميابي خطرناڪ آهي: جاويد اختر

0
65
“اينيمل” جهڙين فلمن جي ڪاميابي خطرناڪ آهي: جاويد اختر
“اينيمل” جهڙين فلمن جي ڪاميابي خطرناڪ آهي: جاويد اختر

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي نامياري ليکاري ۽ شاعر جاويد اختر رنبير ڪپور جي فلم ” اينيمل “ جي ڪاميابي کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب، جاويد اختر اجنتا ايلورا انٽرنيشنل فلمي ميلي جي تقريب کي خطاب ڪندي موجوده دور جي فلمن ۽ گيتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عوام کي انهن جي ڪاميابين جو ذميوار قرار ڏنو

جاويد اختر، رنبير ڪپور جي فلم اينيمل جو نالو کڻڻ کانسواءِ ان بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪا اهڙي فلم آهي جنهن ۾ هڪ مرد عورت کي پنهنجو جوتو چٽڻ جو چئي يا هڪ مرد ڪنهن عورت کي چماٽ هڻڻ کي درست سمجهي ٿو ۽ اِها فلم سپر هٽ ٿي وڃي ته اِها ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي

ان کانسواءِ ليجنڊري ليکاري نوي جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿيل فلم کل نائيڪ جي گيت چولي کي پيڇي ڪيا هي جي تڪراري ٿيڻ باوجود سپر هٽ ٿيڻ تي به ڳالهايو

هن چولي ڪي پيڇي جو مثال ڏيندي چيو ته مسئلو اِهو ناهي ته هن گيت ۾ ٻه عورتن ۽ ست مرد هئا، مسئو اِهو آهي ته عوام گيت کي سپر هٽ بڻائي ڇڏيو

اِها خطرناڪ ڳالهه آهي. سندس چوڻ هدايتڪار کان وڌيڪ اِها ذميواري اڄ جي عوام تي لاڳو ٿئي ٿي، هو ڪهڙيون فلمون ڏسن ۽ پسند ڪن ٿا ڇو هاڻي فلمون سندن پسند ناپسند جي بنياد تي ٺهڻ لڳيون آهن. واضح رهي ته رنبير ڪپور جي فلم اينيمل پهرين ڊسمبر 2023ع تي رليز ڪئي وئي هئي ۽ هن باڪس آفيس تي ڪمائي جا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا هئا