مزاح … هَڏَن  وارو   ڊاڪٽر

0
110
مزاح ... هَڏَن  وارو   ڊاڪٽر

 ڪيلو اهو فروٽ آهي جنهن جي کَلَ تان تِرڪي ماڻهو سڌو هڏن واري ڊاڪٽر وٽ پهچندو آهي. خود هڏن وارا ڊاڪٽر به ڪيلو کائي اُن جي کل سدائين رستي تي اڇليندا…هڪڙي هڏن واري ڊاڪٽر ته انهي  ڪم لاءِ ملازم رکيو آهي، جنهن جو ڪم ئي آهي شهر جي مختلف هنڌن تي ڪيلن جون کَلُون اُڇلڻ…۽ رستا به اهڙا ڳوليندو،جتان رڳو پوڙها پوڙها لنگهن!

هڏا انسان کي ان ڪري مليا آهن ته جيئن هڏن وارو  ڊاڪٽر روزگار سان لڳل هجي!

                 اڳي زماني ۾ جيڪي هڏا  ماستر لَڪُڻ  سان ڀڄندا هئا ، انهن کي ٺهرائڻ تي ايترو خرچ  نه ايندو هو .اڄڪلهه  مهنگائي  ايتري آهي جو انهي جي اڌ جيترا پئسا  خود  ماستر کي ڏيئي ڇڏجن ته ماستر سڄو سال ويجهو  ڪونه ايندو !

                 جيئن اسان جي نانيءَ جي ٽنگ جي آپريشن لاءِ  ڊاڪٽر خرچ ايترو ٻڌايو جو نانيءَ چيس، ‘‘ابا..هيءَ منهنجي ٽنگ جي آپريشن ٿا ڪريو  يا وزيرستان ۾ آپريشن ٿا ڪريو؟’’

                 اسان هڪ هڏن واري ڊاڪٽر کي سڃاڻون.ڪنهن شاديءَ جي ڊنر تي ويندو ته مرغيءَ جي هڏين کي به اهڙي پيار سان پيو چٻاڙيندو، ڄڻ اها مرغي ڪڏهن هن جي ڪلاس فيلو رهي هجي.هن جي دوستن کي به توهان سڃاڻي نه سگهندئو جو جنهن کي به هن سان گڏ ويٺل ڏسبو، لڳندو اُهو ڪنهن فريڪچر جي سلسلي ۾ آيو آهي!

ذهين ايترو جو زال سان بحث ڪونه ڪندو ۽ جڏهن به ڪندو زال جي غير موجودگيءَ ۾ ڪندو.مريضن سان گڏ ويٺو هوندو ته ڊاڪٽر ڪونه لڳندو ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ  ويٺو هوندو  ته به ڊاڪٽر ڪونه لڳندو !

 هڪڙي دوست کان پڇيم،‘‘تنهنجي ٻانهن ڪيئن ڀڳي؟’’چيائين، ‘‘هوءَ جيڪا سامهون فليٽ ۾ ڇوڪري رهندي آهي نه…جنهن جي پيءُ جي نوڪري اسلام آباد ۾ آهي!’’پڇيم،‘‘ها…سو ڇا ٿيو ؟’’ چيائين،‘‘اڄڪلهه اهو موڪل تي آهي!’’

ڪجهه ماڻهو موٽر سائيڪل ائين هلائيندا آهن جو پٺيان ويٺل همراهه کي يڪدم خدا ياد اچڻ لڳندو آهي…ڪجهه ماڻهو وري موٽر سائيڪل ائين به هلائيندا آهن  جو پٺيان ويٺل همراهه ياد ڪرڻ لڳندو آهي ته شهر ۾ ڪهڙا ڪهڙا هڏن وارا ڊاڪٽر سٺا آهن…شڪر جو اسان جا ماڻهو ٽرئفڪ جي قانونن تي عمل نٿا ڪن.ان سان بس هڏن وارن ڊاڪٽرن جي روزگار ۾ برڪت لڳي پئي آهي.

جيئن صحت واري وزير کان ڪنهن پڇيو،‘‘توهان هڏن وارين اسپتالن جي ترقيءَ لاءِ ڇا ڪيو؟’’چيائين،‘‘اسان ملڪ ۾ چنگچين جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي!’’