گفتگو گفتگو … سنڌ لاءِ اتساهه بڻيل 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد

0
118
گفتگو گفتگو ... ڊجيٽل آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جي سڏايل اي پي سي

 ايوب شاهي جي دادلي ڪاموري حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور تعصب جي بنياد تي جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي مختلف الزام هڻي بدلي ڪيو ته ان عمل خلاف سنڌي شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ويا، شاگردن ۾ اڳي ئي ون يونٽ خلاف سخت نفرت هئي، ون يونٽ سبب ٻولي کان وٺي سمورا وسيلا ۽ حق حڪمراني کسيو ويو هو، وفاق طرفان ملڪ جي ايڪائين سان ٿيندڙ ظلم خلاف عوام ۽ خاص ڪري شاگرد طبقي ۾ شديد ڪاوڙ هئي، 1954 ۾ بنگال ۾ بنگالي شاگردن ٻولي جي حوالي سان زبردست جدوجهد هلائي نتيجي ۾ رياست مٿن ڪڙڪي پئي، ڪيترن ئي شاگردن کي قتل ڪيو ويو. انهن شاگردن جا پوءِ يادگار جوڙيا ويا، سڄي ملڪ کي هڪ مخصوص ٽولي گهيري رکيو هو، خاص ڪري بنگالين ۽ سنڌي ماڻهن جن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن خلاف هر ايندڙ ڏينهن ڌرتي ٽامو ڪئي ويئي. ملڪ جي خالق صوبن کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويئي.

4  مارچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان شاگرد بسن ۾ سوار ٿي ڪمشنر مسرور جي ڏاڍائين خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ حيدرآباد اچي رهيا هئا ته رستي ۾ راجپوتانا وٽ پوليس مٿن بدترين وحشياڻو تشدد ڪيو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا اڳواڻ ۽ ٻيا ڪيترائي عام شاگرد رتو رت ٿي ويا. ان شاگرد جدوجهد ۾ تنهن دور جي شاگرد اڳواڻن يوسف لغاري، مسعود نوراني، ڪامل راڄپر، اعجاز قريشي مک ڪردار ادا ڪيو. 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد ايوب جي قهري مارشل لا خلاف للڪار بڻي، اها جدوجهد تعليمي ادارن کان نڪري سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ پهتي. 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد اڄ به سنڌ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ بي انتها اتساهه جو سبب بڻيل آهي.

سنڌ جي شاگردن ايوبي آمريت کي للڪاريو ته جنرل ضياءِ جي دور ۾ به جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جان جا نذرانه ڏنا ۽ جڏهن ملڪ ۾ لولي لنگڙي جمهوريت بحال ٿي ته تڏهن به نه رڳو شاگردن جا حق بحال نه ٿيا، پر ملڪ جي ايڪائين سان ساڳيون ايوبي ون يونٽ وارو سلوڪ جاري رکيو ويو، جمهوريت جي باوجود سنڌي رسالن ۽ اخبارن تي بندش وڌي ويئي، ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن کي ڊي پي آر تحت قيد ڪيو ويو، بلوچستان تي چڙهائي ڪئي ويئي، سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ واڙيو ويو. نه سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏنيو ويو ۽ نه ئي ملڪ جي ٻين ٻولين کي، ملڪ جي قومي ٻولي فقط اردو کي ئي برقرار رکيو ويو.

اڄ به ڪا صورتحال مختلف نه آهي. ملڪ ۾ بظاهر ته جمهوريت هجڻ جي دعوا ڪئي پيئي وڃي پر جي گهرائي سان غور ڪبو ته ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي. بنگالي ته پنهنجي جان ڇڏائي ويا، پر ملڪ جي خالق صوبي سنڌ سان جيڪو ايوبي باقيات حشر ڪيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. ملڪ جي وجود جي پهرين ڏينهن کان وٺي ڌارين جي ٻوڏ آڻي سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي جيڪا سازش ڪئي ويئي هئي، ان تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي، لکين غير ملڪين، افعانين، بهارين، بنگالين، هندستانين، تاجڪن، روهينگين کي ڊجيٽل آدمشماري ذريعي ڳڻي زبردستي ملڪ جو شهري بڻايو پيو وڃي. آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي. ٻه ڪروڙ سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر آهن. سندن گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، انهن کي ڪٿي به نه پيو ڳڻيو وڃي. آدمشماري واري حساس معاملي تي پيپلز پارٽي سرڪار ايم ڪيو ايم اڳيان مڪمل گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن.

سون تي سهاڳو ته سنڌ اسيمبلي ريڪوڊڪ واري معاملي تي ٻه قرارداون پاس ڪري سنڌ جو تيل، ڪوئلو ۽ گئس سميت سمورا معدني وسيلا وفاق کي لکي ڏيئي ڇڏيا آهن، ٻي قرارداد ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجا انتظامي اختيار به وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ڪشميرين سان يڪجهتي طور سنڌ ۾ ڪشميرين لاءِ وزارت قائم ڪئي ويئي آهي. تازو داسو وٽان سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه جو رخ به موڙيو ويو آهي. ڀاشا ڊيم، گريٽر ٿل ڪينال ون ۽ ٽو، چشمه جهلم، تونسا پنجند ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون مختلف رهائشي اسڪيمن ۽ ادارن کي ڏنيون ويون آهن. سامونڊي پٽي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن کان سندن زمينون زبردستي کسيون پيون وڃن. سمورن ادارن سان گڏ تعليم کاتي کي به هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين تعليم جي صورتحال خراب آهي. جنهن جو تازو مثال سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو آهي، جتي هٿياربند جٿن کي ويهاريو ويو آهي. بظاهر اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن گروپن ۾ فائرنگ ٿي آهي، سڄي يونيورسٽي ۾ خوف وارو ماحول آهي. ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون يونيورسٽي ڇڏي ويا آهن. رياست کي اها چڱي طرح خبر آهي ته تعليم بحال هوندي ته سنڌ جا شاگرد شعور حاصل ڪندا، وري به تعليمي ادارن مان سگهاري سياسي جدوجهد صبح جي روشني وانگر ڦٽي سگهي ٿي. وري به موجوده دور جي ايوبي مارشل لا کي للڪار ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري سنڌ ۾ سياست جي هر اول دستي کي مڏو ڪرڻ لاءِ سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. جمهوريت جي دعويدار بلاول ڀٽو زرداري بار بار بيان ڏنا آهن ته شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪري شاگرد يونين بحال ڪنداسين، پر سرڪار جا اهي اعلان رڳو اعلان ئي رهيا آهن، جهڙا پ پ پ پنهنجي شروعاتي سياسي دور ۾ اعلان ڪيا هئا ته پارٽي ماڻهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيندي ۽ اڄ تائين عوام کي نه اٽو مليو، نه لٽو مليو ۽ نه ئي اجهو مليو. اٽو، لٽو ۽ اجهو ملڻ بدران آئي ايم ايف جي فرمائش تي بي انتها مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي.

اڄ وري به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 4 مارچ وانگر سنڌ جي بنيادي قومي ۽ طبقاتي مسئلن لاءِ شاگردن کي ميدان ۾ اچي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، دشمن قوتن جي سمورين سازشن کي سمجهي انهن سان مقابلو ڪرڻو پوندو. شاگرد ئي تعليم ادارن کان وٺي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هارين ۽ مزدور سان گڏ سگهاري پُرامن جمهوري جدوجهد هلائي نجات جو گئس ڪڍي سگهن ٿا.

[email protected]