مرزاپور/ مدئجي (نمائندن وٽان)  مرزاپور لڳ ٻرڙا اسٽاپ سکر_لاڙڪاڻو روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ انور شر واسي قالو عرف احمد شر فوت ٿي ويو، جڏهن ساجد ۽ راشد شر زخمي ٿي پيا، اطلاع تي  پوليس پهچي   لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڳاهيجا پوليس لاڙڪاڻو واسي ڪار ڊرائيور ارشاد سومرو کي گرفتار ڪري ۽ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.