لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ عورت بااثرن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي زاهده خاتون ميراڻي دانهيو ته نئون ديرو شهر ۾ منهنجي مڙس احمد علي ميراڻي جي ليس پٽي جو دڪان آهي ۽ آءُ ڪٽ پيس ۽ ڪپڙا وڪرو ڪري پنهنجي 3 ٻارن 2 نياڻين ۽ هڪ پٽ جو پيٽ گذر ڪندي آهيان، بااثر  شمن منگي مون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي  ويڊيو رڪارڊ ڪري مون کي مسلسل بليڪ ميل ڪري 10 لک روپيا ورتا ۽ هڪ لک 75 رپين جو بئنڪ چيڪ وٺي بعد ۾ مون کان پنهنجي 14 ورهين جي ڌيءَ زارا ميراڻي ۽ ڀاڄائي طاهره کي غلط پيشي لاءِ زور ڀريو ۽ مسلسل بليڪ ميل جي ڪري 20 ڏينهن اڳ بدنامي کان بچڻ لاءِ راڻي پور، ٽنڊو مستي ۽ سعيدي موساڻي جي درگاهن تي دربدري واري زندگي گذاري رهي رهيا آهيان، هن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.