جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سنڌ سرڪار جي سستي اٽي ڏيڻ واري اعلان بعد   3 لک کان مٿي آبادي رکندڙ شهر ۾ رهواسين کي سستو اٽو مهيا ڪرڻ لاءِ 10 ڪلو وارا 50 ڪٽا هڪ لوڊر رڪشا تي رکي ڊي سي چوڪ پهتا ته شهرين جي رش ٿي وئي، خوراڪ کاتي جا ملازم ماڻهن کي اٽو ڏيڻ بدران   رڪشا کي ڀڄائي ويا  شهري اٽو خريد ڪرڻ لاءِ  رڪشا پويان ڊوڙندا رهيا پر خوراڪ کاتي جا ملازم رڪشا سميت فرار ٿي ويا، ٻي طرف  خوراڪ کاتي جي اهڙي عمل جي شهر جي سڄاڻ ڌرين مذمت ڪندي چيو ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ماڻهن کي سستو اٽو مهيا ڪرڻ بدران روڊن تي ڊوڙائي تذليل ڪئي وئي آهي.