اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات، وزيراعظم پاران ميهڙ باهه سانحي جي جاچ جو حڪم، متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جاري، جڏهن ته   وزيراعليٰ سنڌ پاران سانحي ۾ سُستي ۽ لاپرواهي جو اعتراف ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ ملڪي ترقي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم ظاهر ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي مامرن بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده حڪومت جي اوليت ۽ ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ آهي، عوامي رليف لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا، رمضان دوران رليف پيڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي سنڌ جي ضلعي دادو جي فيض محمد چانڊيو ڳوٺ ۾ لڳل باهه جي واقعي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت پاران هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، وزيراعظم ضلعي انتظاميا کي متاثرن جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو آهي ته واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي علاج ۾ ڪنهن قسم جي غفلت نه  ڪئي وڃي، وزيراعظم ابتدائي رپورٽ کان پوءِ باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي ۽ اها به هدايت ڪئي آهي ته ضلعي انتَظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي جيئن مستقبل ۾ اهڙو ڪو به واقعو سانحي جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي، تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي نشاندهي ڪرڻ تي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان فريد آباد سانحي ۾ سُستي ۽ لاپرواهي جو اعتراف ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته فريد آباد سانحي ۾ ريسپانس دير سان آيو، 7 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ گهرائي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته سڙي ويل گهر ٻيهر ٺهرائي ڏينداسين ۽ نقصان جو ازالو به ڪيو ويندو.