اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جشن آزادي جي موقعي تي صدر عارف علوي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي تي 126 شخصيتن کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، ايوارڊ 23 مارچ 2022 تي يوم پاڪستان جي ڏينهن تي ڏنا ويندا، صدر پاڪستان پاران 126 شخصيتن لاءِ اعلانيل اعلي سول ايوارڊن ۾ 3 ڄڻ کي نشان امتياز، 2 کي هلال هلال پاڪستان، 6 کي هلال امتياز، 4 کي ستارا پاڪستان، 3 کي ستارا شجاعت، 17 کي ستارا امتياز، 39 ڄڻن کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، 3 کي ستارا قائد اعظم، 17 تمغه شجاعت، 31 کي تمغه امتياز ۽ هڪ شهري کي تمغه قائداعظم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اعلي سول ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙن ۾ جمشيد عظيم هاشمي کي انجنئرنگ شعبي ۾ خدمتن عيوض هلال امتياز، اسلم عمر انجنيرنگ، شاهد عبدالله کي ارڪيٽيڪسٽ جي شعبي ۾ ستارا امتياز، جڏهن ته محمد اقبال کي انجنيرنگ، آرٽ ۾ اسماعيل تارا، منظور علي مرزا، سيد ساجد حسن، شهريار زيدي، شنڪر، ليکڪ امداد علي وگهيو، ادب شعبي ۾ خدمتن ۾ مدد علي سنڌي، ايازگل، سماجي خدمتن ۾ پروين سعيد، سوني فيصل کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، اهڙي ريت پروفيسر ڊاڪٽر سيد غلام مشرف کي سائنس، انجنيئر ڊاڪٽر فيض الله عباسي کي انجنئرنگ جي تعليم جي شعبي، آرٽ جي شعبي ۾ روبينا مصطفي قريشي، نعت خوان مرحوم الحاج سعيد هاشمي، صحت شعبي ۾ عوامي خدمتن ۾ شهلا باقي، ٿيليسيميا جي حوالي سان سماجي خدمتن طور ڊاڪٽر هارون ميمڻ، سماجي خدمتن ۾ حنيف طيب کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، جڏهن ته اعلي سول ايوارڊ جي حقدار قرار ڏنل ملڪ جي ٻين مشهور شخصيتن ۾ نذر محمد راشد المعروف اين ايم راشد، مجيد امجد المعروف عبدالمجيد کي ادبي خدمتن طور نشان امتياز، ميوزڪ ڪمپوزنگ شعبي ۾ خدمتن طور روحيل حيات، ادبي خدمتن طور ڪشور ناهيد کي هلال امتياز، جڏهن ته آرٽ جي شعبي ۾ مرحوم اداڪاره نيلو، سنڌ سان تعلق رکندڙ سيد عقيل بلگرامي، شاهد عبدالله کي ستارا امتياز، اهڙي ريت آرٽ جي شعبي ۾ دردانه ڀٽ، شاهد حميد المعروف شاهد، گلوڪارا امرائو جان، شڪيلا ناز، شوڪت محمود، جان علي، ادب ۾ رفعت عباس، ڊاڪٽر فضل خليق، راندين ۾ محمد علي سدپارا، نرگس حميدالله کي صدارتي حسن ڪارڪردگي ايوارڊ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي. هوڏانهن اڄ 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، ملڪ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿينديون، سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو.