ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ پير بخش حيدراڻي ۾ پراڻي  زميني تڪرار تان حيدراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو،فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھڪ ڌر جا 4 ڄڻا علي حسن، شھمير، عامر حيدراڻي، وحيد حيدراڻي زخمي ٿي پيا جن کي پھرين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو جتان سڀني زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ٻئي ڌر جا لال بخش ۽ جميل حيدراڻي زخمي ٿي ويا جن مان لال بخش کي ڳڻري جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو، ٻنھي ڌرين طرفان ھڪ ٻئي مٿان اڳرائي ۽ حملي جا الزام لڳايا ويا آھن ھڪ ڌر جي طفيل رند اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته مخالف ڌر جي ھٿيار بندن گھر تي حملو ڪري اسان جا ٻه ڄڻا زخمي ڪيا.ٻئي ڌر جي حنيف حيدراڻي جو چوڻ ھو ته زمين تي بيٺل ھئاسين ته ھنن مٿان حملو ڪيو ويو آھي ھوڏانھن پوليس ڪاروائي ڪندي ٻنھي ڌرين  جي ٻن ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.