سنڌ ۾ ڏوهاري بي لغام، قادرپور ڀرسان ڌاڙيلن پاران  پوليس چوڪي تي حملي دوران مبينا اغوا ٿيل 3 پوليس اهلڪار راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب

0
34

سنڌ ۾ ڏوهاري بي لغام، قادرپور ڀرسان ڌاڙيلن پاران  پوليس چوڪي تي حملي دوران مبينا اغوا ٿيل 3 پوليس اهلڪار راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب، حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي جنازي نماز ادا، پوليس موجب ڌاڙيلن قادرپور پوليس چوڪي تي حملو ڪري هڪ اهلڪار شاهه علي سيال کي گوليون هڻي شهيد ڪيو،  ذريعن موجب ڌاڙيل حملي بعد چوڪي تان اهلڪار شهزادو مهر، محمد گبول ۽  قيصر ڪلهوڙو کي اغوا ڪري ويا هئا، ڌاڙيلن جي حملي کان اڳ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران ڪاٺ پل وٽ مبينا ڏوهاري امان الله سندراڻي مارجي ويو هو، امان الله سندراڻي جي پلاند ۾ پوليس چوڪي تي حملو ڪيو ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته 80 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، اهلڪار اغوا نه ٿيا هئا، ڏوهارين جو پيڇو ڪندي ڪچي طرف ويا هئا، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار  ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، شهيد اهلڪار جي وارثن سان ڏک جو اظهار

انهيءَ کان اڳ ميرپورماٿيلو: ميرپور ماٿيلو ويجهو قادر پور پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، 2 اهلڪارن جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع مليا

 پوليس موجب ڌاڙيلن پاران چوڪي تي ڪيل اوچتي حملي ۾ اهلڪار شاهه علي سيال شهيد ٿي ويو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ چوڪيءَ جا 5 اهلڪار گم آهن، ذريعن موجب ٻن اهلڪارن جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ اطلاع آهن

 پوليس پاران اهلڪارن جي اغوا يا گمشدگي بابت تصديق يا ترديد سامهون نه اچي سگهي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

هي به پڙهندا

ڪرمپور ويجهو ٽريڪٽرن جا 2 مستري مبينا اغوا