ماءُ کي قتل ڪري باقيات کائيندڙ نوجوان کي 15 سال قيد جي سزا

0
374

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسپين جي عدالت ماءُ کي قتل ڪري باقيات کائيندڙ نوجوان کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي آھي، برطانوي ميڊيا موجب 28 ورھين جي البرٽو گوميز کي پوليس 2019 ۾ ان وقت گرفتار ڪيو ھو جڏھن ھن جي گھر مان پلاسٽڪ جي ڊٻن مان ڪجھ انساني عضوا مليا ھئا، ميڊيا رپورٽس موجب فيبروري 2019 تي البرٽو جي ھڪ دوست ان جي 60 ورھين جي والدھ جي مالي معاملن متعلق پوليس کي اطلا ڏنو ھو، جنھن بعد پوليس عورت جي گھر جو جائرو ورتو ھ ۽ گھر ۾ عورت جي باقيات ملي، رپورٽس موجب 2019 ۾ 26 ورھين جي البرٽو ھڪ تڪرار تي پنھنجي ماءُ جو ڳلو دٻائي ان کي قتل ڪيو عورت جي لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري جسم جا ڪجھ حصا پاڻ کاڌا ۽ ڪجھ ڪتن کي کارائڻ لاءِ رکيا ھئا، عدالت جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي آھي.