ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ھڪ ڀيرو ٻيھر اسپتال منتقل

0
276

ڪراچي (شوبز نيوز) ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر اسپتال منتقل ڪيو آھي، ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار دليپ ڪمار کي صحتيابي جي 10 ڏينھن بعد ئي ٻيھر ساھ جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيوويو آھي، ھُن کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ڀارتي ميڊيا موجب دليپ ڪمار کي گذريل ڏينھن ممبئي جي ھندوجا اسپتال آندو ويو ھو، ڊاڪٽرز جو چوڻ آھي تھ ھن وقت دليپ ڪمار جي حالت بھتر آھي، ساھ جي تڪليف سبب ھن کي اسپتال آندوويو.