حريم شاهه سان شادي جون افواهون: سعيد غني جي ڌيءَ به ميدان تي اچي وئي

0
921

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي شادي وارين خبرن تي صوبائي وزير سعيد غني کانپوءِ سندس ڌيءَ نرمين سعيد غني جو بيان به سامهون اچي ويو،گذريل ڏينهن سعيد ٽويٽر پيغام ۾ چيو هو ته مان محترمه کي نٿو سڃاڻا ۽ نه وري ڪڏهن مليو آهيان ۽ نه وري ڪڏهن هن کي ڏٺو آهي، الحمد الله مان پنهنجي هڪ گهر واري ۽ ٻارڙن سان خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهيان، براءِ مهرباني بنا تصديق جي اهڙِيون خبرون نه پکيڙيون وڃن، جيڪڏهن واقعي محترمه شادي ڪئي آهي ته مان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، هاڻي نرمين سعيد غني پنهنجي والد جي ٽويٽ کي ري ٽويٽ ڪندي ان جي حريم شاهه سان شادي جي افواهن تي وضاحت پيش ڪئي آهي، نرمين لکيو ته هي وضاحت گهڻو واضح ۽ صاف آهي، الحمد الله اسان مسڪرائڻ وارا چهرا ۽ مسڪرائڻ واريون اکيون هڪ خوشحال فيملي آهيون ان ڪري فضول ڳالهيون بند ڪيون وڃن، والدين جي مسڪرايل تصوير شيئر ڪندي نرمين چيو ته منهنجا والدين هڪ ٻئي سان بي پناهه محبت ڪندا آهن ۽ اسان هنن سان خوشحال زندگي گذاري رهيا آهيون، واضح رهي ته حال ئي ۾ معروف ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پ پ جي ايم پي اي سان شادي جي دعويٰ ڪئي آهي..