لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي ۽ بدامني خلاف  سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، ولي محمد برھماڻي، حاجي منور ۽ ٻين اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا آهن.سڄي سنڌ رد ڪري چڪي آهي، قانون موجب 2027ع ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي ها پر هڪ سازش تحت وقت کان اڳ فرمائشي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، جنهن مان شناختي ڪارڊ جي شرط ختم ڪري ڌارين جو الڳ خانو ناهي رکيو ويو اهڙي آدمشماري سنڌي ماڻهن سان ٺڳي ۽ ڌوڪو آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني به ٿو کائي سگهي، مهانگائي وڌڻ جي ڪري سنڌ ۾ بدامني به وڌي وئي آهي، ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن.