خانپور (ن پ ا) خانپور بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي، ھٿياربند رستم ٿاڻي جي حد فيضو رستم روڊ تي مرزان چوڪي ڀرسان ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي لکين روپيا روڪ، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. ڦرجي ويلن ۾ احمد علي کوسو، فواد پنھور، نعت خوان حاڪم علي ڀرٽ ۽ ٻيا شامل آھن پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب چوڪي بند پيل ھئي، جنھن سبب ڏوھاري آسانيءِ سان ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي سڪون سان ڦر ڪندا ويا. ٻئي طرف خانپور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ڪلرڪوٽ اسٽاپ ڀرسان ھٿياربند ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور جي ملازمن  ڪار سوارن  شعيب جوڻيجو ، عرض محمد ھليو، عارف پنھيار کي يرغمال بڻائي ھزار پنجاھ ھزار کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ 3  موبائل فون ڦري ويا. واقعي جو اطلاع متاثرن پاران خانپور ٿاڻي تي ڏنو ويو.هوڏانهن خانپور ۾سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران 3 ڏينھن به احتجاجي ڪئمپ تي ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن.اڳوڻو تعلقي ناظم خانپور مھدي حسن جتوئي پڻ پھچي احتجاج ۾ شامل ٿيو. خان محمد نوحاڻي، استاد محمد قاسم پٺاڻ، حافظ محمد سليم آرائين، اصغر علي سيٺار ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ٽن ڏينھن کان بدامنيءَ جي خلاف احتجاج تي ويٺل آھيون پر ڦر ۽ چوري جون وارداتون ويتر وڌي رھيون آھن، ڇو ته پوليس جي ڪا به رٽ نه آھي، جنھن سبب ڏوھاري کلي عام وارداتون ڪن پيا.اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن ڦر ٿيل سامان ۽ چوريون واپس نه ڪرايون ويون ۽ امن بحال نه ڪرايو ويو ته ايس ايس پي شڪارپور ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.