لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حسيني محلا جي رهواسي جيل پوليس جي اهلڪار جي 10 ورهين جي  پٽ محمد مراد ابڙو سان امجد چانڊيو مبينا طور بدفعلي ڪئي، اهڙي واقعي جي اين سي وارثن عاقل ائٽ پيرشير ٿاڻي تي داخل ڪرائي،پوليس الزام هيٺ آيل نوجوان کي گرفتار ڪري نينگر جي وارثن کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو. ان موقعي تي شعبان ابڙو ٻڌايو ته امجد چانڊيو طوطا وٺي ڏيڻ بهاني ڀائيٽي محمد مراد کي دودائي روڊ وٽ باغن ۾ وٺي وڃي حوس جو نشاڻو بڻايو.پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري نينگر کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي، ميڊيڪل رپورٽ جي آڌار تي ڪيس داخل ڪبو.