نئون ديرو (ن پ ا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ذاتي ملازمه غلام زهره 58 ورهين جي ڄمار ۾ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جو تڏو امام بارگاهه محلي ۾ وڇايو ويو آهي. فوتي ملازمه غلام زهره  پنهنجي زندگيءَ جا 37 ورهيه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمت ڪندي گذاريا. غلام زهره 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ سوڳوار ڇڏيا. غلام زهره شهيد راڻي جي ملازمت دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري کي پڻ هنج تي گهمايو ۽ کيڏايو هو.