حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سپلا حيدرآباد ريجن، ضلعي جا ڪاليج نئين يونيورسٽي سان سلهاڙڻ جي مخالفت  ڪري ڇڏي آهي. سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي صدر پروفيسر انور منصور، جنرل سيڪريٽري پروفيسر آصف ظھور ۽ ٻين هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حيدرآباد جا ڪاليج هڪ نئين يونيورسٽي سان سلهاڙڻ هزارين شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر هوندو. اهڙي تجويز صوبائي ڪابينا ڏانهن به ويل آهي. جيڪڏهن ڪابينا اهو فيصلو ڪيو ته هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. هنن چيو ته اهڙن اطلاعن تي ڪاليجي استادن ۾ مايوسي ۽ بيچيني پکڙجي وئي آھي. ھنن چيو ته اڄ 2 آگسٽ تي ڪابينا جو اجلاس رٿيل آهي جنهن ۾ ايجنڊا جو هڪ اسم حيدرآباد جا ڪاليجز سنڌ يونيورسٽيءَ کان کسي نئين ٺھيل حيدرآباد ڪاليج يونيورسٽي ڏانھن منتقل ڪرڻ به آھي. اھو عمل حيدرآباد جي ڪاليجن جي حق ۾ نه آهي ڇو ته نئين ٺھندڙ يونيورسٽي وٽ اڃا نه ته اسٽاف پورو آهي نه ئي وري ان جي سينيٽ، سنڊيڪيٽ يا اڪيڊمڪ ڪائونسل جھڙا ادارا جڙي سگهيا آهن. في الحال حيدرآباد جي ڪاليجن کي فقط پئسا ڪمائڻ جي ڪري ڪاليج يونيورسٽي جي حوالي ڪرڻ ائين ئي آھي جيئن جيئري لاءِ ٻڪري کي حلال ڪرڻ. ھنن سنڌ جي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ، سيڪريٽري ڪاليجز سيد خالد حيدر شاھ، يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي وزير اسماعيل راھو ۽ ٻين سمورن ڪابينا جي ميمبرز کان گهر ڪئي ته اھڙي فيصلي تي نظرثاني ڪري ھزارين شاگردن، سندن والدين ۽ ڪاليجي استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي ۽ حيدرآباد جي ڪاليجن کي سنڌ يونيورسٽي کان الڳ ڪرڻ جو جبري فيصلو نه ڪيو وڃي.