لاڙڪاڻي مان نوجوان مبينا اغوا، وارثن طرفان پوليس مٿان رشوت جا الزام

0
151
لاڙڪاڻي مان نوجوان مبينا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي الله آباد ٿاڻي جي حد مان 32ورھين جو رياض قاضي مبينا طور تي اغوا ٿي ويو، جنهن جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي

رياض قاضي جي مبينا اغوا ۽ پوليس پاران مدد ڪرڻ بجاءِ رشوت طلب ڪرڻ خلاف نوجوان جي امڙ ۽ ڀائرن احتجاج ڪيو

نوجوان جي امڙ صدوران ۽ ڀاءُ اصغر قاضي جو چوڻ آهي ته جوابدار نظير ڪلھوڙو، ـشبير، خالد ۽ ٻيا 15ڏينهن  اڳ ڀاءُ رياض سان وڙھيا، جن هن کي اغوا ڪيو آهي

هنن الزام هنيو آهي ته ايس ايڇ او الله آباد سجاد ڀٽي جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ڪارروائي نه پيو ڪري، اسان کان به رشوت گھري رھيو آهي، رياض کي نقصان پھتو ته ذميوار ايس ايڇ او ھوندو