ترڪي سفارتخاني جون گاڏيون ڦر ڪندڙ 2 جوابدار مبينه مقابلي ۾ مارجي ويا

0
192
ترڪي سفارتخاني جون گاڏيون ڦر ڪندڙ 2 جوابدار مبينه مقابلي ۾ مارجي ويا
ترڪي سفارتخاني جون گاڏيون ڦر ڪندڙ 2 جوابدار مبينه مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  نوشهروفيروز مان ترڪي سفارتخاني جون گاڏيون ڦر ڪندڙ 2 جوابدار مبينه مقابلي ۾ مارجي ويا

ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته اي وي ايل سي پوليس جو ناردرن بائي پاس تي مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڪار لفٽر جي سليم بروهي ۽ واجد مهر مارجي ويا

ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته سليم بروهي گروهه جو سربراهه هو، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ته مقابلو ٿي پيو، جوابدار سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به گاڏين جي ڦرن ۾ ملوث آهن

ايس ايس پي موجب جوابدار ترڪ سفارتخاني جي گاڏين جي ڦرن ۽ چورين ۾ ملوث آهن، وابدارن جي گروهه 2018 ۾ مسافر بس مان ڦرلٽ ڪئي هئي