لاڙڪاڻو: مبينا نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ ناري جي حوالگي لاءِ سندس امڙ پاران درخواست داخل

0
371
نڪاح مٿان نڪاح

لاڙڪاڻي(ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ پنجاب کان عورتون آڻي پئسن عيوض سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪري پرڻائڻ وارو مامرو، مبينا اغوا بعد نڪاح مٿان نڪاح واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي دارالامان حوالي ڪيل سيالڪوٽ جي علائقي کهيوا واسڻ عورت زنيرا حامد جي امڙ مسمات فرحت حامد باجوه لاڙڪاڻو پھتي، امڙ پنهنجي ڌيءَ زنيرا حامد سان ملاقات ڪئي جنهن دوران عورت زنيرا پنهنجي امڙ سان گڏ وڃڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو.

عورت زنيرا حامد جي امڙ سندس حوالگي بابت پنهنجي وڪيل معرفت ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تي ٿيندي. هوڏانهن نڪاح مٿان نڪاح واري معاملي ۾ گرفتار غلام شبير ڪلهوڙو اڃان تائين پوليس حراست ۾ آهي جنهن مٿان ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.