حيدرآباد: واڌو واهه تي قائم هڪ شوروم انتظاميا پاران شهرين سان ڪروڙين رپين جو فراڊ

0
200
اوٻاوڙي مان مبينا

حيدرآباد: واڌو واهه تي قائم هڪ شوروم انتظاميا پاران شهرين سان ڪروڙين رپين جو فراڊ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ شوروم مالڪ ۽ سندس ساٿي رقم ڦٻائي فرار ٿي ويا. شوروم انتظاميا پاران مختلف ماڻهن کي ڏنل چيڪ ڪيش نه ٿي سگهيا، چئن گاڏين جي فراڊ جو ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. رقمن کان محروم ٿي ويل شهري سخت پريشان آهن، پوليس فراڊ ڪندڙ شوروم انتظاميا کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

پوليس ذريعن موجب ماڻهن کي جعلي ڪيش بڪ ذريعي گاڏين جي بڪنگ ڏني وئي، شوروم مالڪ جي شناختي ڪارڊ تي به غلط ايڊريسون درج ٿيل آهن، شوروم مالڪ حيدرآباد مان فيملي وٺي نامعلوم هنڌ کسڪي ويو، شوورم بند، سندس ساٿي به فرار ٿي ويا.