ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس جو اڳوڻو شيٽ ڪلارڪ 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

0
428
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد(ن پ ا) احتساب عدالت نيب پاران گرفتار ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس جي اڳوڻي شيٽ ڪلارڪ کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار شيٽ ڪلارڪ جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته غلام حسين ميمڻ بيمار آهي، ان لاءِ نيب بدران جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، پر عدالت سندن درخواست رد ڪندي جوابدار کي نيب تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي 26 اگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

نيب حيدرآباد جي ٽيم هالا مان هڪ ڏينهن اڳ شيٽ ڪلارڪ غلام حسين عرف نگر ميمڻ کي تحويل ۾ وٺي حيدرآباد منتقل ڪيو هو، گرفتار ڪيل شيٽ ڪلارڪ تي 2013ع ۽ 2014ع پوليس کاتي ۾ مبينا طور جعلي ڀرتيون ڪري ڪرپشن ۽ رشوت وٺڻ جا الزام آهن، نيب ذريعن موجب نيب ڪراچي پاران اڳوڻي ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي ۽ ٻين خلاف شروع ڪيل جاچ جي تسلسل ۾ شيٽ ڪلارڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.