ماتلي ۾ پيءُ پاران ڌيءَ سان زيادتي جو انڪشاف، جوابدار گرفتار

0
825
ماتلي ۾ پيءُ پاران ڌيءَ سان زيادتي

ماتلي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي شهر جي عبدالرحيم کوسو ڪالوني ۾ پي ء پاران ڌيء سان مبينا طور جنسي زيادتي ڪرڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوء ايس ايس پي بدين معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي کي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ٽنڊو غلام علي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار جلال واگهڙي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو، متاثر ٿيل 16 ورهين جي نينگري ممتا واگهڙي جي پاڙيسري پيرل شاه جي فرياد تي نينگري جي والد جلال واگهڙي خلاف ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

فريادي پيرل شاھ ڄاڻايو آهي ته 8 ڏينهن اڳ هو ۽ هن جو دوست پنهنجي گهر جي ڀرسان مال جي واڙي تي ويٺل هئاسين ته نينگري ممتا واگهڙي روئيندي کين دانهن ڏني ته منهنجو والد مون سان جنسي زيادتي ڪندو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن هن ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي ته هو ان کي گهر ۾ پيل ڪهاڙي سان ماري ڇڏيندو، اهڙي معاملي جي جاچ لاء هو هن ڪيس ۾ فريادي ٿيو آهي ته جيئن متاثر نينگري ممتا واگهڙي سان انصاف ٿي سگهي، ٻئي طرف متاثر نينگري کي سڀاڻي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.