ڪنهن کي اسان جي پرواهه ناهي: افعانستان جي روئيندڙ نينگري جي هنيانءَ ڏاريندڙ وڊيو وائرل

0
815
ڪنهن کي اسان جي پرواهه

ڪابل: طالبان پاران افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ هڪ افغان ڇوڪريءَ جي دل ڏاريندڙ وڊيو سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس تي سامهون آئي آهي. وڊيو ۾ ڇوڪري پنهنجي ملڪ سان دنيا جي سلوڪ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کين تاريخ ۾ وساريو ويندو. ايراني صحافي مسيح الينيجاد Twitter تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ soڇوڪري روئي رهي آهي ۽ پنهنجي مستقبل بابت پريشان آهي.

وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڇوڪري چوي ٿي ته اسان اهميت نٿا رکون ڇو ته اسان افغانستان ۾ پيدا ٿيا آهيون. هن چيو ته؛

مان پنهنجو پاڻ کي روئڻ کان نٿي روڪي سگهان ، مون کي پنهنجا ڳوڙها صاف ڪرڻا آهن ته جيئن مان هي وڊيو رڪارڊ ڪري سگهان ، اسان جي ڪنهن کي به پرواه ناهي ، اسان تاريخ ۾ آهستي آهستي غائب ٿي وينداسين