لاهور (م ڊ) لاهور ۾ نجي تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرن جي گينگ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ 35 رڪني گينگ کي 102 جي نالي سان آپريٽ ڪيو ويندو آهي. شاگردن جو گينگ مختلف اسڪولن جي ٻاهران ڇوڪرن تي تشدد ڪندو هو ۽ هاڻي گلبرگ ۾ هڪ نوجوان تي تشدد جي الزام هيٺ گينگ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس پي عمارا شيراز موجب ڪيس داخل ڪري هڪ شاگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن هڪ شاگرد کي سنوڪر ڪلب ۾ تشدد جو نشانو بڻايو هو ۽ تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اَپ لوڊ ڪري خوف ۽ هراس ڦهلايو. پوليس موجب اِهو ٽولو مختلف اسڪولن جي شاگردن ٺاهيو.