اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاران منظور ڪيل ڪفايت شعاري پاليسي تي عملدرآمد جي مانيٽرنگ لاءِ ڪابينا ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آھي، وزير اعظم جي هدايت تي قائم ڪيل ڪابينا ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ڪاميٽي ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار ، تعليم جي وزير رانا تنوير ، آءِ ٽي جي وفاقي وزير امين الحق ، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ ، فوڊ سڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيمه ، وزير اعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائرا ، مملڪتي وزير هاشم نوتزئي کي شامل ڪيو ويو آھي جيڪا ڪاميٽي ڪفايت شعاري بابت ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي مانيٽرنگ ڪندي. وزارتن جي وفاقي سيڪريٽري ۽ ادارن جي سربراهن کي  پنهنجي پنهنجي وزارت ۽ اداري ۾ خرچن ۾ گهٽتائي بابت تجويزون 27 فيبروري تائين ڪاميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي مانٽرنگ ڪاميٽي جا مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اجلاس ڪرڻ لازمي هوندا ڪاميٽي جا سربراهه تبديل ٿيندا رهندا ڪاميٽي ۾ مقرر ڪيل وزيرن مان روٽيشن بنيادن تي وزيرن کي هر اجلاس بعد سربراهي ملندي.