ڪراچي/پشاور (اسٽاف رپورٽر+م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن ۽ پختون خواب بار ڪائونسل  به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾  اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار چيو آهي ته 9 رڪني بينچ ۾ سينيئر ججن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود  کي شامل نه ڪرڻ تي سخت خدشا آهن، بيان موجب جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي رضاڪارانه طور تي بينچ کان الڳ ٿي وڃن. خيبرپختونخوا بار ڪائونسل بيان ۾ چيو ته چيف جسٽس عدليا تي عوامي اعتماد لاءِ قدم کڻي ۽ اهم سياسي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص بينچ جوڙڻ جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي. پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ بينچ جي جوڙجڪ چيف جسٽس جو خاص اختيار نه هجڻ گهرجي. آئين هن وقت سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي پيو ۽ سينئر جج بينچ ۾ شامل نه آهن، جسٽس فائز ۽ جسشٽ طارق کي شامل نه ڪرڻ غيرجمهوري طاقتن کي تحفظ ڏيڻ آهي.