ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) متحده پاران ڪراچي ۾ بدامني تي ڳڻتي ظاهر: شهر جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو، ان ڏس ۾ متحده سان لاڳاپيل سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي، نسرين جليل  ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو ايم ڪيو ايم جو ناهي، انهن وزيرن کي شرم اچڻ گھرجي، جيڪي امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جا بيان ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته 3 مهينن ۾ 59 شهري اسٽريٽ ڪرمنلز هٿان شهيد ٿيا آهن، جيڪي شهري ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي مري ويا آهن، انهن جي وارثن کان پڇا ڪئي وڃي ته مٿن ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي؟ هن چيو ته هلندڙ سال دوران 400 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ٿيون آهن. پوليس پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي،  هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافي خلاف سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، هن چيو ته ڏوهه گھٽائڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ وفاق جي به ذميواري آهي، ڇا وفاق وڌيڪ لاشن جو  انتظار ڪري رهيو آهي؟ وڌيڪ لاش ڪِرڻ بعد ئي وفاق سنجيدگي جو مظاهرو ڪري مداخلت ڪندو؟ اسان کي هاڻي روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نسرين جليل چيو ته هاڻي اسان جنازا کڻي ٿڪجي پيا آهيون، شهر ۾ هر پاسي خوف جو ماحول آهي، اسان ڪهڙي ماحول ۾ ڪيئن پيا رهون ؟.