اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي ۽ ان کي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي سي جنرل فيض حميد وسيلي ختم ڪرڻ واري معاملي جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي جنهن ۾ فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏيندي ان وقت جي پنجاب جي شهبازشريف جي حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي سفارش ڪئي وئي آهي ته فوج بدنامي کان بچڻ لاءِ عوام جي ڪنهن معاملي ۾ نه پوي. فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ 149 صفحن تي ٻڌل آهي. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ جي رپورٽ موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جهڙا واقعا پوليس جي ڪمزوري جي ڪري ٿيندا آهن، 25 نومبر 2017ع تي سوشل ميڊيا تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي ڌمڪيون ڏنيون ويون پر حڪومت ان تي ڪارروائي کان پاسو ڪيو. رپورٽ موجب ان وقت پنجاب جو وڏووزير شهباز شريف هو. رياست آئين جي بالادستي تي سمجهوتو نه ڪري، پرتشدد انتهاپسندي کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي. رپويٽ موجب ان وقت جي  آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ڊي جي سي فيض حميد کي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني. رپورٽ ۾ زاهد حامد جي معاملي تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ آهي ته پاليسي سازن کي فيض آباد ڌرڻي مان سبق سکڻو پوندو. پنجاب حڪومت ٽي ايل پي کي لاهور ۾ روڪڻ بدران اسلام آباد اچڻ ڏنو، ان وقت جي ملڪي قيادت ڪنهن اداري يا آفيسر کي ذميوار قرار نه ڏنو. فوج کي تنقيد کان بچڻ لاءِ عوامي معاملن ۾ نه ڦاسڻ گهرجي. رپورٽ موجب پنجاب حڪومت غافل ۽ ڪمزور رهي جنهن ڪري خون خرابو ٿيو، رياست آئين پرستي، انساني حقن تي سمجهوتو نه ڪيو وڃي. امن حڪومت جي ذميواري آهي ٻين ادارن کي مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.