قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو: نگران سيٽ اپ لاءِ پارليامينٽ ۾ واپس وڃي سگهون ٿا: عمران خان

0
208
عمران خان اومني گروپ جي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته اسان قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي آهي، اسان شهباز شريف جون ننڊون حرام ڪرڻ وارا آهيون، نگران سيٽ اپ قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهون ٿا، جيڪڏهن اسين نه وياسين ته راجا رياض سان ملي نگران سيٽ اپ جوڙي ڇڏيندا

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان جي حڪمت عملي آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃو ته جيئن نگران سيٽ جو حصو بڻجي سگهون حڪومت ائين نه سمجهي ته راجا رياض سان ملي پنهنجي مرضي جو نگران سيٽ اپ آڻي ڇڏيندا، هن چيو ته ن ليگ ايم اين اي رابطي ۾ آهن، اڳ ۾ انهن جي ٽيسٽ ڪنداسين، پوءِ پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪنداسين

سندس چوڻ هو ته اهي ڦاسي پيا آهن، پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اهي نالا ڏنا، جيڪي ن ليگ کي قبول هجن، مون کي يقين آهي ته مارچ، اپريل ۾ چونڊون ٿي وينديون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پ پ ڌانڌلي بنا نٿي کٽي سگهي، تحريڪ انصاف جي ڪراچي ۾ شڪست جو سبب تنظيم جي ڪمزوري ۽ پ پ جي ڌانڌلي آهي. ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته ق ليگ جو مستقبل تحريڪ انصاف سان آهي، ق ليگ بيٽ جي نشان تي وڙهندي ته کٽيندي

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا 22 ايم اين ايز قومي اسيمبلي ۾ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان سندس حڪمت عملي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي امڪاني اعتماد جي ووٽ وٺڻ ۾ پارٽي جي باغي ميمبرن کي روڪڻ لاءِ 22 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ واپس اماڻيا ويندا ته جيئن پارٽي جي اڪثريتي فيصلي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي باغي ميمبرن خلاف نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪرائي سگهجي

نجي ٽي وي موجب پي ٽي آءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ته باغي ميمبرن کي اعتماد جو ووٽ ڏيڻ جي عمل ۾ حصو وٺڻ کان آئيني طور تي روڪيو ويندو. پهرئين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ جا 22 ايم اين ايز قومي اسيمبلي ۾ ويندا جتي هو وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتمادي جي رٿ جو حصو بڻجندا. جيڪڏهن باغي ميمبرن انهن 22 ميمبرن جي حمايت نه ڪئي ته کين نااهل ڪرائڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏي