ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏي

0
236
پرويز الاهي جي پارٽي رُڪنيت معطل
ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏي

ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏي

چوڌري شجاعت جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ق ليگ کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ بابت پرويز الاهي جي بيان تي غور، اجلاس ۾ سالڪ حسين، طارق بشير چيما ۽ شافع حسين شريڪ هئا

چوڌري شجاعت پرويز الاهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي بيان تي وضاحت ڪري گهري ورتي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي صدر پارٽي کي ٻي جماعت ۾ ضم نٿو ڪري سگهي

پرويزالاهي غير آئيني ۽ غيرقانوني قدم جي وضاحت ڪري، وضاحت  اچڻ تائين سندس رُڪنيت معطل رهندي، ق ليگ اڳواڻ چوڌري سالڪ چيو آهي ته ق ليگ کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ واري پرويز الاهي جي خواهش ڪنهن جي ضد لڳي ٿي، ٻارن جي انا ۽ خواهشن تي سياسي فيصلا ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڳالهه ياد ڪريو، جنهن کي توهان ڇُٽل ڪارتوس سڏيندا هئا، اُن جي ڪري پارٽي جي عزت ۽ سڃاڻپ آهي

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو

پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ لاءِ استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله