قومي اسيمبلي اجلاس: ڪتابن کانپوءِ هاڻ بوتلن سان حملا

0
340

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ جون ڪاپيون هڪٻئي کي هڻڻ کانپوءِ هاڻي هڪٻئي کي بوتولون اڇلائي هڻڻ وارو واقعو پيش آيو.
جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته قائد حزب اختلاف شهباز شريف تقرير شروع ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گوڙ شروع ٿي ويو. اپوزيشن ميمبر حڪومتي ميمبرن تي هڪ بوتل اڇلائي هنئي، جيڪا حڪومتي ميمبر اڪرم چيما کي لڳي. بوتل اڪرم چيما جي اک تي لڳي جنهن سان هو زخمي ٿي پيو. واقعي جي فوري بعد ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 15 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اپوزيشن ايوان ۾ شهباز شريف جي تقرير جي نالي تي حملن تي لهي آئي آهي.