ڏهرڪي: هندو ناري مسلمان ٿي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

0
804

ڏهرڪي: ميرپور ماٿيلو جي رهواسڻ هندو ناري عروشي ڪماري مذهب مٽائي ميرپور ماٿيلو جي رهواسي بابر ميراڻي سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. عروشي ڪماري جو اسلامي نالو بختاور رکيو ويو، جنهن چيو ته مان پنهنجي مرضي سان مذهب مٽائي بابر ميراڻي سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي. بابر ميراڻي جو چوڻ هو ته عروشي اسلام قبول ڪرڻ لاء راضپو ڏيکاريو ته هن کي ڀرچونڊي وٺي اچي اسلام قبول ڪرايو ۽ شادي ڪري ڇڏي آهي.