قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا واسي ڪنڀر برادري جي ماڻھن نيڪال واري کڏ تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن رستم ڪنڀر، ارشاد ڪنڀر، ديدار ڪنڀر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ جي 45 جريبن تي مشتمل گندي پاڻي جي نيڪال واري کڏ تي ڳوٺ جي بااثرن قبضا ڪري نيڪال وارو نظام بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هنن چيو ته ڊي سي ۽ مختيارڪار قمبر کي دانهن ڏني آهي پر ڪير نه تدارڪ نه پيو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته کڏ تان قبضو ختم ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي.