قمبر( رپورٽر) نصيرآباد تعلقي جي ڳوٺ کاٽو خان مغيري جي رهواسي علي دوست مغيري قمبر جي انصاري محلي جي رهواسي نوجوان صابر علي رند کان 4 لک 30 هزار وٺي هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪ جو جعلي آرڊر ڏنو هو، اهڙي واقعي جو ڪيس مهينو اڳ متاثر نوجوان وڳڻ ٿاڻي تي جوابدار مٿان داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ جوابدار عدالت مان عبوري ضمانت ورتي هئي، اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ رکيل هئي جنهن تي عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪندي پوليس کي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.