جيڪب آباد(رپورٽر) ڏوهن جي دنيا تعلق رکندڙ هڪ شخص نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ بدامني جو اصل ڪارڻ اهو به آهي ته شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي علائقي ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهو به سرحدي ضلعو هئڻ تي اچي ڏوهي ڪاروايون ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي وڃن ٿا. جيڪب آباد ضلعي جا ڏوهاري به ٻين ضلعن جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ گهرائي وارداتون ڪرڻ کان انهن ضلعن ۾ فرار ٿي ٿا وڃن جنهن سبب ضلعي جي پوليس ڏوهارين آڏو بيوس آهي.