ڪنڌڪوٽ: ضلعي جي مختلف شهرن مان هڪ سال دوران 350 کان وڌيڪ شهري اغوا ٿيا 730 کان وڌيڪ پوري ملڪ مان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي پهتا، اڪثر ڀنگ ڀري بازياب ٿيا. ضلعي جي بدترين بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ 9 ايس ايس پي ناڪام رهيا هاڻ ڏهون ايس ايس پي بشير احمد بروهي ضلعي ۾ مقرر ٿيل آهي. ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڏيڍ سال دوران مختلف ايس ايس پيز امجد شيخ، زبير نظير شيخ، ذيشان شفيق صديقي، عرفان سمون، شبير سيٺار، عرفان سمون، امجد شيخ، روحيل کوسو، بشير احمد بروهي مقرر ٿيا آهن پر اهي ڌاڙيلن کي روڪي نه سگهيا آهن. بدترين بدامني سبب علائقو ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ شهر ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال نظر ايندي آهي. ضلعي جون حالتون خراب هجڻ ڪري علائقي واسي سج لهڻ کان اڳ ئي گهرن تائين محدود ٿي ويندا آهن ۽ ڪاروباري مرڪز سوير بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي 72 ڪلوميٽر جي چئوڌاري اندر رهندڙ پر  اطلاع آهن ته ضلعي اندر 70 ڏوهاري موجود آهن جيڪي ضلعي اندر مقرر 5 هزار کان وڌيڪ پوليس نفري کان زور آهن ۽ ساڍا 12 لک آبادي رکندڙ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي عوام کي يرغمال بڻائي ويٺل آهن.