سکر (بيورو رپورٽ) سکر مائيڪرو ڪالوني مان اغوا ٿي ويل شفيق مشوري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن هڪ ڀيرو ٻيهر وارٿن کي فون ڪري 50 لک ڀنگ گهريو آهي، مليل ڄاڻ موجب ٽريفڪ هيڊ ڪانسٽيبل منظور مشوري جي پٽ جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، ذريعن موجب 3 رمضان تي پٽ جي پراسرار گمشدگي بعد هيڊ ڪانسٽيبل ڳولا لاءِ موڪل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس موڪل نه ملي ۽ هو ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، اهلڪار ٻڌايو ته رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن فون ڪري پٽ جي بازيابي لاءِ 50 لک روپيا ڀنگ گهريو، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪري لاش بچاءَ بند وٽ ڦٽو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، هن پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.