قائداعظم جي مجسمي کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو ڪيس داخل

0
324

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مجسمي کي ڌماڪي سان اڏائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، گوادر ۾ آچر ڏينهن قائد اعظم جي مجسمي کي بم حملي ۾ اڏايو ويو هو، ڌماڪو مجسمي هيٺان نصب ٿيل بم ذريعي ڪيو ويو..

سي ٽي ڊي عملدارن موجب ڪيس ۾ سيون اي ٽي اي ۽ ايڪسپلوسيو ايڪٽ سوڌو ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آھن.