فيض گنج (ن پ ا) ايس ايچ او فيض گنج چوريءَ جي شڪايت تي صحافيءَ  مٿان ڏمرجي پيو، بدسلوڪي ۽ فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون، صحافين پاران احتجاج، ايس ايچ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو. خبر موجب ايس ايچ او بشير ڀيو جي نااهلي سبب شھر ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ ۽ پڪا چانگ شهر مان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار عيوضي جي ٻڪري چوري ٿيڻ جو اطلاع ڏيڻ تي ايس ايچ او بشير ڀيو صحافي رياض سولنگيءَ مٿان ڏمرجي پيو ۽ ڌمڪيون ڏيندي چوڻ لڳو ته وڪيل اعجاز آرائين کي قتل ڪرايو، ڪجھه ڪونه ٿيو، صحافي ڪهڙي وڏي ڳالهه آهن. هوڏانهن سٽي پريس ڪلب جي صدر ۽ سينئر صحافي رياض سولنگي ٻڌايو ته گهر ٻاهران مال ٻڌل آھي، اڳي به ٻه ٻڪريون چوري ٿي ويون. فيض گنج ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر ڪجھه نه ٿيو. هن واري ايس ايچ او کي اطلاع ڏنو ته هن بداخلاقي ڪندي موت مار ڌمڪيون ڏنيون. صحافي ايس ايچ او مان جان جو خطرو ظاهر ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.  ٻئي پاسي ايس ايچ او جي اهڙي عمل خلاف خيرپور جي صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آھي. صحافي اتحاد سميت مختلف تنظيمن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او فيض گنج بشير ڀيو کي هٽائي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي.