نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي اعظم ڪمالا ڪالوني جي بيواهه پيرسن عورت رضيه زال مرحوم ولي محمد  گجر پنھنجي 12 ورھين جي پٽ فيض رسول سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته منھنجي 16 ورھين جي ڌي 8 درجي ۾ پڙھندڙ نياڻي روزينہ کي ٽن ڏينهن کان اگم آھي ۽ مونکي شڪ آھي ته انھيءَ کي پاڙي ۾ رھندڙ ٽيڪسي ڊرائيور جي ويجھي عزيز اغوا ڪيو آھي، هن چيو ته ٿاڻي جو وڏو منشي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ رشوت گهري رهيو آهي، هن چيو ته منھنجي معصوم نياڻي کي زبردستي اغوا ڪيو ويو آھي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.