غزه/والاريل القدس(م ڊ) غزه تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين شهيدن جو انگ 56 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. شهيدن ۾ 14 ٻارڙا به شامل آهن. اسرائيلي فورسز پاران فلسطين ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ڪيتريون ئي عمارتون مٽي و ڍير بڻجي ويو. فلسطيني صحت جي وزارت ٻڌايو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 56 ٿي ويو آهي جڏهن ته سوين زخمي ٿيا آهن جن جي طبي امداد جاري آهي. حملن ۾ سوين گهر به تباهه ٿي ويا آهن. ڪيتريون ئي گهڻ ماڙ عمارتون به مٽي جو ڍير بڻجي ويون آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته اسرائيل لاڳيتو بمباري ڪري رهيو آهي ۽ هڪ سيڪنڊ جو به وقفو نه پيو ٿئي، هر وقت بم ڦاٽڻ جا آواز اچي رهيا آهن ۽ ماڻهن پاڻ بچائڻ لاءِ غزه مان لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شامل آهي. سڀ کان وڌيڪ جاني نقصال بيت حنون ۾ ٿيو جتي 23 ڄڻا شهيد ٿيا، حماس جي اڳوڻي وزير باسم النعيم جو چوڻ آهي ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن هن پاڪستاني عوام کي عيد جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان لاءِ دعا ڪئي وڃي، آواز اٿاريو وڃي ۽ امدادي ڪارروائيون ڪيون وڃن، اسرائيل بربريت ڪئي آهي هن دهشتگرد ملڪ کي تسليم نه ڪيو وڃي، حماس پاران به اسرائيل کي جواب ڏيندي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 6 اسرائيلي مارجي ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حماس جو چوڻ آهي ته هڪ 13 ماڙ عمارت کي راڪيٽ لڳا فلسطيني تنظيم حماس جي بمباري سان اشڪيلون ۾ اسرائيل جي تيل جي پائپ لائن تباهه ٿي وئي، جڏهن ته اسرائيل ۾ شهرين کي بنڪر جي ويجهو رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسرائيل جي بچاءَ واري وزير ڌمڪي ڏني آهي ته غزه تي هوائي حملا اڃا ته شروعات آهي، وڌيڪ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائينداسين. حماس پاران هڪ هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه ان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اسرائيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ يا وڌائڻ چاهي ٿو فلسطيني ٻنهي لاءِ تيار آهن. هوڏانهن اسرائيل جي شهر لد ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، يهودين ڪيترين کي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نيتن ياهو لد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم حماس کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن حملا بند نه ڪيا ته کين تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته غزه ۾ تشدد تي سخت ڳڻتي آهي، اها ڇڪتاڻ مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.