ملتان (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شهباز شريف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف بلڪل تندرست ۽ ٺيڪ ٺاڪ لڳي رهيو آهي، جيڪڏهن هاڻ هليو ويو ته اسان مٿان ڳٺ جوڙ جو الزام لڳندو، شهباز شريف جي بيماري جو جواز بڻايو پيو وڃي، ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف عدالت کي گارنٽي ڏني هئي ته نوازشريف علاج کان پوءِ واپس ايندو. رب پاڪ کيس صحت ڏني آهي ۽ هو پي ڊي ايم جي جلسن کي به خطاب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڇا ڪرپشن جي خاتمي جو ٺيڪو صرف عمران خان کنيو آهي؟ باقي ادارن جون به ڪجهه ذميواريون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪجهه عنصرن جي پاڪ سعودي لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي، سعودي عرب 50 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاهه محمود چيو ته سعودي شهزادي جي دعوت تي اسان سعودي عرب جو 3 ڏينهن جو دور ڪيو، محمد بن سلمان سميت ٻين اختيارين سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين جا 3 دور ٿيا، عيد کانپوءِ سعودي جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ايندو،سعودي عرب پنهنجي ملڪ ۾ لکين پاڪستانين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ سيڪريٽريٽ جو قيام وڏي اڳڀرائي آهي. وزيراعظم ملتان جي لاءِ 30 ارب کان وڌيڪ جي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي، موٽر وي سان فاصلا گهٽجي ويندا آهن جڏهن ته موٽر وي  سبب رحيم يار خان جو سفر گهٽ ٿي ويو آهي. ڏکڻ پنجاب جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا لاءِ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي هئي. وقت ضرور لڳندو پر ڏکڻ پنجاب جي شهر ۾ واضح تبديلي ايندي.