فحاشي کي بلڪل به پسند نٿي ڪريان: رابعه بٽ

0
337

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل رابعه بٽ چيو آهي ته فحاشي کي بلڪل به پسند نٿي ڪريان. اداڪارا رابعه بٽ هڪ ويب چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا هن چيو ته غيراخلاقي ڪپڙا پائيندڙ اداڪارائون علط ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته ان سان سندن عزت خراب ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئون پاڻ اهڙا ڪپڙا پائي چڪي آهيان پران وقت اڻ ڄاڻ هيس پر هاڻي بلڪل به ان عمل کي پسند نٿي ڪريان. هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کي به چوان ٿي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي عزت نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اوهان کي تنقيد جو به حق ناهي.