غوثپور/ ڪرمپور (نمائندن وٽان) غوثپور ويجهو جمال لنڪ روڊ ڀرسان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيتن ممتاز شاهه ۽ انور علي ڪوري کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، ان ڏس ۾ بٺي مالڪ غلام ياسين ميراڻي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٻئي پورهيت بٺي تي ستل هوندا هئا. صبح جو پهتاسين ته کٽن تي خالي بسترو وڇايل هو.  هوڏانهن ناپر ڪوٽ پوليس لاڙڪاڻي واسي پورهيت ممتاز شاهه کي مبينا مقابلي ۾ ڳڙھي تيغو لنڪ روڊ وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ناپرڪوٽ ٻڌايو ته هٿياربند مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي کڻي وڃي رهيا هئا ته خفيه اطلاع مليو ڳڙھي تيغو لنڪ روڊ تي پهتاسين ته مقابلو ٿي پيو ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ مغوي ممتاز شاهه کي ڌاڙيلن کان ڇڏائي ورتو آهي ٻئي مغوي کي ڌاڙيل کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا بازياب ٿيل ممتاز شاهه کي ناپرڪوٽ ٿاڻي تي آندو ويو جنهن بعد کيس ايس ايس پي ڪشمور حوالي ڪيو ويو